تخت نانگ

تخت نانگ

تخت نانگ

تخت نانگ (King Cobra ):نانگ جو هڪ قسم، جيڪو جوڳين جي خيال ۾ سڀني نانگن جو سرتاج آهي. اهو اصيل نانگن جي نسل ۾ نانگن جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي ”ڪنگ ڪوبرا“ به سڏيندا آهن. هن نانگ جي ڳولا ۾ هزارين جوڳي پنهنجي زندگي ختم ڪري چڪا آهن. جوڳين جو خيال آهي ته جنهن به جوڳيءَ جي گهر ۾ تخت نانگ هوندو، اهو بخت ڀريو هوندو. تخت نانگ ڦڻ ڪڍي راند ڪرڻ وقت پنهنجو جسم جهلي نه سگهندو آهي ۽ نچندي نچندي ڪري پوندو آهي. تحقيق دوران هن نانگ جي ڦڻ جي چڪاس ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته، هن جي زهر جو اثر ايترو ته تيز آهي، جو ان جو ڏنگيل مريض اڌ ڪلاڪ تائين به مس زنده رهي سگهندو آهي. تخت نانگ ڪنهن به ٻئي نسل جي نانگ سان گڏ رهي نٿو سگهي. سندس ٻيون خاصيتون هن ريت آهن: (1) رات جو ٽي دفعا ڦڻ ڪڍي سر نمائيندو آهي، (2) اصيل ڪارن نانگن جي ڦڻ تي سواري ڪندو آهي، ۽ ٻيا نانگ سندس ويجهو، پاسي کان هلندا رهندا آهن ۽ (3) جڏهن مرضي پوندي اٿس، تڏهن ٻئي نانگ جي ڦڻ تي چڙهي سواري ڪندو آهي.اصيل ڪارن نانگن جا جملي ست قسم ٿين ٿا، جن مان تخت نانگ سڀني کان وڏو ۽ قد ۾ سڀني کان ننڍو نانگ آهي. هن نسل جو هڪ قسم گلاب ۽ ٻين گلن ۾ ويهي خوشبوءِ وٺندو آهي. بيخبريءَ ۾ جيڪڏهن انسان اهڙي نانگ جي موجودگيءَ ۾ اهڙو گل سونگهندو ته نقصان ٿي سگهي ٿو، ان ڪري گل کي پٽڻ وقت ڇنڊڪو ڏجي. هيءُ نانگ آنا ڏيندو آهي ۽ جوڳين جي ڄاڻ مطابق 35 هزار نانگن جي علائقي ۾ هڪ تخت نانگ رهندو آهي. هي عجيب، دلچسپ ۽ اڻلڀ نانگ صرف سنڌ ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو نانگ نه آهي.


لفظ تخت نانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


نانگ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڻيءَ واتڙيو
تخت نانگ
نانگ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون